ڀڳت ٽڪيارام

ڀڳت ٽڪيارام: ڀڳت ٽڪيارام پٽ ڌيرو ڀڳت، ٽنڊي قيصر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. روايت آهي ته ڀڳت ڌيروءَ کي اولاد نه ٿيندو هو. هڪ ڀيري جهوڪ جي بزرگ يوسف ستاري ٽنڊي قيصر ۾ آيو ۽ کيس دعا ڪيائين ته کيس پٽ جو اولاد ٿيندو، پر نالو ٽِڪيو رکجوس. ڀڳت ڌيرو هر مهيني 17 تاريخ جهوڪ جي درگاهه تي ويندو هو. سندس گهر جو ماحول به صوفياڻو هو. ٽڪيارام جي تربيت به ان صوفياڻي ماحول ۾ ٿي، هُو به درگاهه جهوڪ جو طالب ٿيو ۽ هر مهيني سترهين تاريخ ٽنڊي قيصر ۾ ڏهاڙو ملهائيندو هو ۽ ڪن خاص ڏينهن تي جهوڪ جي درگاهه جي به حاضري ڀريندو هو.
ٽڪيارام سٺو صوفي شاعر هو، سندس ڪلام ۾ ويدانت جي واڻي ملي ٿي. هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
سڄڻ گوبند، ڍولڻ گوبند، ميرا جهوبا،
سرو گهٽ، پورڻ صورت خوب!


لفظ ڀڳت ٽڪيارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو